تميزالدين مولوي

تميزالدين، مولوي: قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اهم ڪارڪن، مولوي تميزالدين خان، مارچ 1889ع ۾ خانخان لور، ضلعي فريدپور (بنگلاديش) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم فريدپور مان حاصل ڪرڻ بعد ڪلڪتي مان ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون وٺي وڪالت ڪيائين. 1921ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تان هڪ سال ٻه مهينا جيل ۾ رهيو. 1922ع ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ فريدپور جو صدر چونڊيو ويو. 1925ع ۾ بنگال اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1937ع عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بنگال اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1938ع ۽ 1942ع ۾ بنگال اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي وزير ٿيو. 1946ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. پاڪستان ٺهڻ بعد پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبليءَ جو نائب صدر ٿيو، جڏهن ته قائداعظم محمد علي جناح صدر ٿيو. قائداعظم جي وفات کان پوءِ مولوي صاحب کي صدر جي عهدي تي چونڊيو ويو. 1954ع ۾ جڏهن گورنر جنرل ملڪ غلام محمد دستور ساز اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو ته مولوي تميزالدين وڏيءَ جرئت جو مظاهرو ڪندي، ان قدم کي سنڌ چيف ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جنهن مولوي صاحب جي حق ۾ فيصلو ڏيندي، گورنر جنرل جي قدم کي غيرقانوني قرار ڏنو؛ پر حڪومت فيڊرل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري، زوريءَ فيصلو گورنر جنرل جي حق ۾ ورتو ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي کي برقرار رکي، نئين چونڊن ڪرائڻ جو فيصلو ڪرايو. ان کان پوءِ مولوي تميزالدين ڪجهه عرصي لاءِ عملي سياست کان ڪناره ڪش رهيو. 1962ع ۾ ايوب دور ۾ نئين آئين لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. مولوي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ مصروف هو، پر زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ 19 آگسٽ 1965ع تي وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.03.1889  عيسوي

مولوي تميزالدين خان ، مارچ 1889ع ۾ خانخان لور ، ضلعي فريدپور ( بنگلاديش ) ۾ جنم ورتو .


19.08.1965  عيسوي

تميزالدين ، مولوي 19 آگسٽ 1965ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثابت بن ضحاڪ
جلال الدين سرخ بخاري
جالينوس
غلام حسين انڙ حاجي
ذاڪر علي خان
عبدالستار سمو
بزرگ بن شهريار
حڪيم محمد صديق مورائي
احمد حسن داني
جسڪاڻي مشتاق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون